نصيرآبادـ(رپورٽ؛هريش ڪمار) نصيرآباد پ پ پ سٽي صدر عوامي مھم لاءِ جيالن سان گڏ بازار م نڪري پيو شھرين واپارين پاران سٽي صدر مٿان گلن جي ورکا، پ پ پ سٽي جنرل سيڪريٽري ۽ انفارميشن سيڪريٽري عوامي مھم رابطا کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيالن م غصي جي لھر ـ خبر موجب پ پ پ پاران نئون منتخب سٽي صدر سردار ضميرحسين مسڻ عوامي مھم رابطا تي پارٽي ورڪرن عطاءُ الله ڪاٺيو، وڪيل احمد شيخ، غوث بخش ڪاٺيو، غلام حسين ڪنڀر، ذوالفقار مغيري سميت بازار م نڪري پيو عوام کان مسۂلا معلوم ڪيا جڏنھن ت سٽي صدر مٿان ڪپڙي بازار ڪلاٿ مارڪيٽ مين بازار جي واپارين پ پ پ اڳوڻن مٿان گلن جي ورکا ڪئي، ان بعد پريس ڪلب پھتا ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار ضمير مسڻ چيو ته پ پ پ عوامي پارٽي آھي اسان عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا ان موقعي تي سٽي صدر اعتراف ڪندي چيو ت سٽي ۾ ورڪر جيالا متحد آھن پر سٽي جنرل سيڪريٽري ۽انفارميشن سيڪريٽري عوامي رابطا مهم کان مون کي کتو جواب ڏنو ھن چيو ت ٻئي عھديدار نٿا چاھين ته عوام سان ويجھا رابطا ھجن پر اسان کي ان مخالفت جي پرواهه ناهي،اسان عوام سان گڏ ھونداسين