لاهور (م ڊ) ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان عدالتن جو پاڻمرادو ترجمان بڻجي ويو آهي، کيس ڪنهن ٻڌايو آهي ته ايندڙ مهيني نواز شريف کي سزا ٿيندي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سعد رفيق چيو ته نواز شريف هاڻي وزيراعظم ناهي پر اڳ کان وڌيڪ مقبول ۽ مشهور آهي. هن چيو ته لاهور جو جلسو تنهن ڪري ناڪام ٿيو جو ماڻهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته بلاول هجي يا آصف زرداري پ پ جو ٻيڙو ٻيڙي ڇڏيو آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته ڪنهن تي لعنت وجهڻ سٺي ڳالهه ناهي، عمران خان پارليامينٽ ۾ اچي نه ٿو، گاريون ڏي ٿو، پگهار ۽ سهولتون به سموريون وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته ڪراچيءَ جو امن بحال ٿي ويو، بلوچستان ۾ ماڻهو پهاڙن تان لهي آيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڀارت کي سي پيڪ هضم نه ٿي رهيو آهي، افغانستان مان ٿڌي هوا نه اچي رهي آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته پاڪستان ڪنهن به مهم کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، دانشمندي سان ملڪي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته اسان دشمن نه پر هڪ ٻي جا مخالف آهيون، ڀلي ڪير اسان کي ڇا به سمجهي پر پرامن ماڻهو آهيون.