ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لياري ايڪسپريس وي جي نارٿ بائونڊ ڪيرج وي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايڪسپريس وي جي نارٿ بائونڊ ڪيرج وي جو افتتاح ڪيو جنهن تي 10 ارب رپين جي لاڳت آئي آهي. ريمپ سميت رٿا جي ڪل ڊيگهه 38 ڪلو ميٽر آهي، منصوبي ۾ 4 انٽر چينج ۽ 20 پلون شامل آهن، رٿا سبب شهر قائد ۾ ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي ايندي. افتتاح کانپوءِ ايڪسپريس وي مڪمل طور فعال ٿي ويندو. بندرگاهه جي ٽريفڪ شهر ۾ داخل ٿيڻ کانسواءِ ايڪسپريس وي استعمال ڪري سگهندي، سپر هاءِ وي جي ٽريفڪ به شهر ۾ داخل ٿيڻ کانسواءِ ايڪسپريس وي استعمال ڪري سگهندي جڏهن ته ايڪسپريس وي سبب ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻوڏ سبب نقصانن ۾ پڻ گهٽتائي ٿيندي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ لياري ايڪسپريس وي منصوبي کي مڪمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته رٿا مختلف ڏکيائين جو شڪار رهي. سندس چوڻ هو ته گورنر ڪراچي لاءِ 25 ارب رپين جو پيڪيج ڏنو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته منصوبو ڪامياب ٿيندو ۽ ٻيون رٿائون به مڪمل ڪيون وينديون. هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار به ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو حصو وجهي رهي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سڀني کي گڏجي ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ڪراچي جا ترقي لاءِ پرعزم آهيون، سي پي ڪي تحت اڪنامڪ زون بڻجي رهيا آهن. ٻئي طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنجن مهينن کانپوءِ امن امان بابت اجلاس جي صدارت به ڪندو. وزيراعظم کي ڪراچي آپريشن سميت مجموعي اندروني صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.