لاهور (اين اين آءِ( اسٽيٽ بئنڪ کي زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران جو ڪوبه بئنڪ اڪائونٽ ناهي مليو گذريل ڏينهن زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران جي ڪيترن ئي بينڪ اڪائونٽس جون خبرون آڏو آيون هيون جنهن تي پنجاب جي وڏي وزير نوٽيس وٺندي جي آءِ ٽي کي ان معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي جي آءِ ٽي زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران جي اڪائونٽس جي جاچ ڪئي ۽ قصور جي سمورين بئنڪن ۾ جوابدار جي اڪائونٽس جي ڇنڊڃاڻ مڪمل ڪئي جنهن ۾ جوابدار جو قصور جي 12 بئنڪن ۾ ڪوبه اڪائونٽ ناهي مليو جوابدار عمران جي سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪنهن به بئنڪ ۾ ڪوبه اڪائونٽ نه آهي ٻئي پاسي اسٽيٽ بئنڪ مطابق قصور واقعي تي پنجاب حڪومت جي جي آءِ ٽي جي درخواست ملي جنهن ۾ جوابدار جي اڪائونٽس بابت پڇا ڪئي ويئي آهي اسٽيٽ بئنڪ پاران چيو ويو ته بئنڪ جي آءِ ٽي سان مڪمل سهڪار ڪندي جوابدار عمران جي اڪائونٽس بابت ڄاڻ تي جاچ ڪئي ويندي جنهن لاءِ بئنڪن کان معلومات جمع ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي اسٽيٽ بئنڪ به جوابدار عمران جي اڪائونتس متعلق جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ مرڪزي بئنڪ کي به جوابدار جو ڪوبه اڪائونٽ ناهي مليو.