لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت عاصمه قتل ڪيس ۾ ڪي پي کي وڌيڪ سهڪار جي آڇ ڪئي آهي. زينب قتل ڪيس بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته فارنزڪ ليب رڪارڊ ۾ عاصمه جيڊي اين اي ٽيسٽ مڪمل ٿي چڪي آهي. هن چيو ته مردان جي عاصمه به قوم جي نياڻي آهي، ساڻس ٿيل ظلم تي تمام گهڻو افسوس آهي. سندس چوڻ هو ته قصور ۾ زينب سان ٿيل ظلم سموري قوم لاءِ ڳڻتي جو مقام آهي. شهباز شريف چيو ته جاچ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ، نادرا ۽ ٻين ادارن جي رڪارڊ مان مدد ورتي ويندي هن چيو ته جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ٿا غلطي برداشت نه ڪئي ويندي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته زينب قتل ڪيس جي جاچ 100 سيڪڙو حقيقت تي ٻڌل هئڻ گهرجي. هن چيو ته عاصمه ڪيس ۾ وڌيڪ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.