آمريڪي فوج کي وزيرستان ۽ ڪرم ايجنسي ۾ ڪارروائي جي اجازت ڏيڻ جو آمريڪا سان ڪو به معاهدو ناهي: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل هڪ دفعو ٻيهر ڪرم ايجنسي ۾ آمريڪي ڊرون حملي جي مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته آمريڪي فوج کي وزيرستان ۽ ڪرم ايجنسي ۾ ڪاروائي جي اجازت ڏيڻ جو ڪو به معاهدو پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ناهي، آمريڪا پاڪستان کي دهشتگردن خلاف معلومات فراهم ڪري اسان پاڻ ڪارروائي ڪنداسين. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ به انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي عالمي برادري ان جو نوتيس وٺي، بين الابراعظمي ميزائيل جو تجربو ڀارت جي جارحاڻي ميزائيل پاليسي ۽ امن جي بيانن ۾ چٽو تضاد آهي پاڪستان پنهنجي حفاظت لاءِ سلامتي جي ضرورتن کان غافل ناهي افغانستان ۾ جٽادار امن ڌرين وچ ۾ ڳالهين جي ذريعي ممڪن آهي. خميس تي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي فوج گذريل سال ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري جي هڪ هزار 970 ڀيرا جڏهن ته هلندڙ سال 150 کان وڌيڪ ڀيرا فائربندي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي پرڏيهي آفيس گهرائي سخت احتجاج ڪيو ويو ڀارت والاريل ڪشمير ۾ به انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ بند ڪرائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *