پشاور(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته رينجرز کي گم ٿيل ماڻهن بابت الزامن جو جواب ڏيڻو پوندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ٻن گم ٿيل ماڻهن زاهد حيدر ۽ مشتاق عادل جا وارث عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ هنن ان دوران هُل هنگامو به ڪيو. مشتاق عادل جي ماءُ چيو ته مشتاق عدالت کي رينجرز اهلڪارن گرفتار ڪيو ۽ غائب ڪري ڇڏيو، 3 سالن کان منهنجو پٽ گم آهي ۽ اسان کي تاريخ تي تاريخ ڏني پئي وڃي، پٽ زندهه آهي ته ٻڌايو، جيڪڏهن ماريو ويو آهي ته تڏهن به ٻڌايو وڃي. جسٽس نعمت الله چيو ته گم ٿيل شهري مشتاق عادل جي گمشدگي جو الزام سڌو سنئون رينجرز تي مڙهيو پيو وڃي، رينجرز کي الزامن جو جواب ڏيڻو پوندو. ٻئي گم ٿيل شهري زاهد حيدر جي ماءُ رڙيون ڪندي چيو ته سندس پٽ کي گوليمار واري علائقي مان رينجرز اهلڪارن حراست ۾ ورتو، رينجرز اختياريون ته ڪنهن کي به نٿيون ٻڌن، خدا ڪارڻ عدالت اسان جي سار لهي. عدالت ۾ موجود وڪيلن عورت کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن چيو ته رڙيون ان ڪري رهي آهيان شايد ڪنهن کي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ۽ ڪنهن ڪا ڪن کلي وڃن. عدالت 22 فيبروري تي ايس ايس پي انويسٽي گيشن، رينجرز اختيارين ۽ ٻين کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.