انتظار قتل ڪيس ۾ سي ٽي ڊي جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل جي اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل انتظار احمد جي قتل ڪيس ۾ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب سي ٽي ڊي اختيارين موقعي تي موجود ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته 19 ورهين جي انتظار سان گڏ گاڏي ۾ موجود مديحا ڪياني کان به ٻيهر بيان ورتو ويو. ڪيس جي نئين جاچ آفيسر ڊي آءِ جي ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ عامر فاروقي واردات واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ سان گڏوگڏ اڳوڻي ايس ايس پي اي سي ايل سي کي پنهنجي آفيس طلب ڪري ورتو آهي، جتي ايس ايس پي مقدس حيدر جو بيان قلم بند ڪيو ويندو. گرفتار ٿيل 8 اهلڪارن جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *