اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان کي روحاني سهارو ته مليو پر هو دماغي طور تي ٺيڪ ناهي عمران خان اليڪشن کان پهرين پنهنجو علاج ڪرائي. تفصيل موجب خواجا آصف جو چوڻ هو ته اسان ڪنهن کي ڊيڄارڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ناهي ڪيو پر اسان پارليامينٽ جي تقدس کي بحال ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو. ان ڳالهه سان سڀني کي اتفاق ڪيو پر ڪا به پارٽي اهڙي ناهي جنهن عمران خان جو ساٿ ڏنو هجي. هن چيو ته عقل ۽ سمجهه عمران خان جي ڀرسان به ناهي گذرندي ڇو ته پارليامينٽ جي حوالي سان اهڙا بيان نٿا ڏئي سگهجن البت سخت زبان ضرور استعمال ٿيندي آهي. خواجا آصف چيو ته توهان هن پارليامينٽ جا ميمبر آهيو ۽ گاريون به ڏئي رهيا آهيو، پارليامينٽ حڪومت نه پر هڪ ادارو آهي پر عمران خان جي دماغي صلاحيتن ختم ٿي چڪيون آهن، عمران خان کي روحاني سهارو ته ملي ويو پر دماغي طور تي ٺيڪ ناهي، عمران خان اليڪشن کان پهرين پنهنجو علاج ڪرائي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شيخ رشيد جي استعيفيٰ هن تائين ناهي آئي شيخ رشيد فخريه انداز سان هڪ ڪارڊ کيڏيو، شيخ صاحب کي لڳي ٿو ته ان کان پوءِ باقي ماڻهو به استعيفيٰ ڏيندا پر ائين نه ٿيو.