نقيب الله محسود معاملي ۾ قاري احسان جو بيان قلمبند ڪرڻ جو فيصلو،ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي ويندي؛ثناءَ الله عباسي

ڪراچي ( م ڊ ) ايس ايس پي رائو انوار جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله محسود معاملي ۾ ڪراچي سينٽرل جيل اندر قيد پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي ڪمانڊر قاري احسان کان پڇا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر قاري احسان کي نقيب جون تصويرون ڏيکاريون وينديون. ذريعن موجب انڪوائري ڪميٽي ۽ فارنزڪ ٽيمون واقعي واري هنڌ جو دورو به ڪنديون. سينٽرل جيل کانپوءِ ڊي آءِ جي ايسٽ جي آفيس ۾ جاچ جو ٻيو مرحلو شروع ٿيندو. ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءَ الله عباسي جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن اندر شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته اڄ شام تائين اهم اڳڀرائي سامهون اچڻ جي اميد آهي، ٽئين مرحلي ۾ ڊي آءِ جي ايسٽ جي آفيس ۾ گڏجاني ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ٻي مرحلي ۾ سينٽرل جيل ۾ هڪ قيدي جو بيان قلمبند ڪيو ويندو. ثناءَ اله عباسي چيو ته فريادي ڌر طرفان جبران ۽ هاشم خان جو بيان قلمبند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته رائو انوار ۽ پوليس پارٽي جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف نقيب الله جي وارثن طرفان رائو انوار جي معطلي لاءِ سهراب ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري سبب سپر هاءِ وي جا ٻئي ٽريڪ بند ٿي ويا جنهن بعد رينجرز جي وڏي نفري پهچي ٽريفڪ جي آمدرفت بحال ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *