واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستان طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ کي واپس موڪلڻ چاهي ٿو ته جيئن افغانستان وڃي مرڪزي سياسي ڌارا ۾ شامل ٿي سگهن. بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ جا محفوظ ٿاڪ نه آهن ۽ جيڪڏهن آمريڪا کي شڪ آهي ته وٽن ڪا ڄاڻ موجود آهي ته اسان کي فراهم ڪئي وڃي ڇو ته اسان کين ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان جي اطلاعن موجب طالبان وٽ افغانستان جو 43 سيڪڙو علائقو موجود آهي ته کين پاڪستان ۾ رهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته افغان پناهگيرن سڪيورٽي لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن، نوجوانن کي اتان ڀرتي ڪيو پيو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته اهي به واپس وڃن ۽ سرحد کي محفوظ بڻايو وڃي ته جيئن خراب ماڻهو سرحد پار نه ڪري سگهن. اعزاز چوڌري چيو ته افغانستان جي سرحد تي مڪمل نگراني ناهي جنهن سبب ماڻهو اچن ٿا،اسان جي خواهش آهي ته ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ٻنهي جو فائدو آهي ڇو ته آمريڪا جو هدف افغانستان ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ آهي ۽ اسان جو هدف به ساڳيو ئي آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ رابطا آهن جنهن ۾ ورڪنگ ليول تي انٽيليجنس شيئرنگ به شامل آهي، اسان کي ڳالهين جا رستا رکڻا آهن ۽ اسان چاهيون ٿا ته انٽيليجنس سهڪار به رهي جيڪو اڃا ورڪنگ ليول تي آهي ۽ آفيشلز سان ڳالهيون جاري آهن.