اسلام آباد ( بيورو ) قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي. مذمتي ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ عوام جو نمائنده ادارو ۽ جمهوريت جي علامت آهي، ايوان جي ميمبر عمران خان ۽ شيخ رشيد احمد پارليامينٽ جو تقدس مجروح ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ايوان عمران خان ۽ شيخ رشيد جي لفظن جي مذمت ڪري ٿو. پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي چيو ته عمران خان پاڻ به ايوان جو ميمبر آهي، هن پاڻ تي به لعنت وڌي آهي، هو عام طور تي اهڙي ٻولي ڳالهائيندو آهي، هن پاڻ ۽ پنهنجي پارليامينٽ ميمبرن تي به لعنت وڌي آهي. هن چيو ته پنهنجا ماڻهو پارليامينٽ کي گاريون ڏيندا ته ٻيا ادارا ڇو پارليامينٽ جو احترام ڪندا. اقليتي ميمبر خليل جارج چيو ته شيخ رشيد کي 10 سالن لاءِ نااهل ڪيو وڃي، عمران خان جي هٿ ۾ وزيراعظم جي لڪير ئي ناهي.