سپريم ڪورٽ جو اي ڊي خواجه کي آءِ جي سنڌ جي عهدي تي برقرار رکڻ جو حڪم

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي عهدي تي برقرار رکڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي مقرري بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سنڌ حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي ۾ سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي مقرري بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي وفاق تي قدم کڻڻ کان روڪي چڏيو سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته آءِ جي جي تبديلي بابت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا حڪم معطل سمجهيا ويندا ۽ سنڌ ۾ آءِ جي جي مقرري جو معاملو عدالت جي فيصلي سان مشروط هوندو سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته اي ڊي خواجه کي سنڌ ۾ بدلين جو مڪمل اختيار هوندو ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ايڪٽ 2011 کي آئيني قرار ڏنو آهي ۽ هاءِ ڪورٽ اي ڊي خواجه کي پوليس ۾ بدلين جو اختيار به ڏيئي چڪو آهي جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته سنڌ هاءِ ڪورٽ خوبصورت فيصلو ڏنو آهي جيڪو 2-3 دفعا پڙهڻ جي لائق آهي سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ وٽ پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار نه آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان وٽ ته پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *