لاهور (م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ن ليگ سان اڄ ڏينهن تائين ٿيو ڇا آهي؟ ٿيو ته پ پ سان آهي، ٿيو ته قادري صاحب سان آهي، مان جڏهن به چاهيان انهن کي ڪڍي سگهان ٿو، انهن کي ڪڍڻ ۾ مون کي دير نه لڳندي پر مان ملڪ جي مستقبل جو سوچيندو آهيان، اسان جي ايندڙ نسلن کي ان ملڪ ۾ رهڻو آهي. لاهور جي مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته اسان سدائين چيو آهي ته پاڪستان کپي، اسان سدائين پاڪستان جي ڳالهه ڪئي آهي، هن ملڪ کي خطرو رڳو جاتي امرا مان آهي، ملڪ تي ايترو وزن وجهي هي ان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته سياست ڪنداسين پر ملڪ خلاف سياست ناهي ٿيندي، ضياءُ الحق جي باقيات جو مقابلو ڪندا رهنداسين.27