لاهور (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شيخ رشيد لاهور ۾ مال روڊ تي گڏيل اپوزيشن جي جلسي دوران اهڙو اعلان ڪيو. خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته ماڊل ٽائون جا قاتل ڪاروباري ماڻهو آهن ۽ شريف ڀائر پئسي جي زور تي سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نواز شريف اڄ هر هنڌ ڌڪا کائي رهيو آهي، اجمل قصاب جي گهر جو پتو نواز شريف ڏنو پر جيڪو ”مودي جو يار آهي غدار آهي غدار آهي“. شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندي چيو ته شريف ڀائر تقريرن سان نه ويندا آهن، تنهن ڪري مان اڄ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو، عمران خان کي به استعيفيٰ ڏئي روڊن تي اچڻ گهرجي.27