لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه مهينن کان اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو پر ڪو ايڪشن نه ورتو ويو، زينب جو ڪيس منظر تي اچڻ کانپوءِ قوم کي خبر پئي ته اهو اسان جي ٻارن سان به ٿي سگهي ٿو، طاهر القادري ملڪ جي سڀني پارٽين کي گڏ ڪيو، ڊاڪٽر صاحب، قوم توهان سان گڏ بيٺي آهي. مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سڄو پاڪستان ڏسي رهيو هو ماڊل ٽائون ۾ بيگناهن تي پوليس گوليون هلايون ويون، 14 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ڇا ماڊل ٽائون ۽ قصور جي متاثرن کي انصاف مليو؟ زينب جي وارثن پنجاب پوليس ۽ وڏي وزير کان نه پر آرمي چيف کان انصاف جو مطالبو ڪيو، راڻا ثناءُ الله کان ته ڪنهن به انصاف نه ورتو، اهو صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي. سندس چوڻ هو ته مان شريف ڀائرن کي 40 ورهين کان سڃاڻان ٿو، نواز شريف جمهوريت تي يقين ئي نٿو رکي، ماڊل ٽائون سانحي پويان ٻنهي ڀائرن جو هٿ آهي. هن چيو ته هڪ شخص جيڪو 3 سئو ارب چوري ڪري ٻاهر کڻي ويندو آهي، ان کي پارٽي جو سربراهه بڻايو ويو آهي، اهڙي شخص لاءِ پارليامينٽ ۾ هٿ کڻي چيو ويندو آهي ته اهو پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهي ٿو.