وزير اعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس: 8 نقطن واري ايجنڊا تي غور

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت 8 نقطن واري ايجنڊا تي غور ڪيو پيو وڃي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ  وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال سميت 8 نقطن واري ايجنڊا تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ايف آءِ اي ايڪٽ 1974 جي شيڊول ۾ ترميم پيش ڪئي ويندي ۽ پهرين قومي فوڊ سيڪيورٽي پاليسي جي ڊرافٽ تي به غور ڪيو ويندو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نون هٿيارن واري پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ لائسنس ريويو ڪيمٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *