ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه انتظار احمد جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اشتياق احمد پاران هڪ خط مليو آهي، جنهن ۾ هن سندس پٽ انتظار احمد جيڪو خيابان اتحاد ۾ قتل ڪيو ويو، جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي آهي. وڏي وزير خط ملڻ جي ترت بعد اشتياق احمد سان فون تي ڳالهايو ۽ کين يقين ڏياريو ته جيئن هُو چاهيو ٿو اهڙي طرح عدالتي جاچ ڪرائي ويندي. هن چيو ته مون کي رڳو هڪ ڏينهن ڏيو ته جيئن مان عدالتي چاج بابت سموري ڪارروائي کي مڪمل ڪري سگهان. هن کين اهو به ٻڌايو ته هُو انجي (اشتياق احمد) جي پٽ انتظار احمد جي قتل بابت ٿيندڙ جاچ جي سلسلي ۾ سمورا خدشا ۽ تحفظات جو تدارڪ ڪيو ويندو. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي عدالتي جاچ لاءِ ضروري ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.