لاهور ( م ڊ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته سڀاڻي 12 وڳي کان احتجاجي شروع ٿيندو، اسان استعيفيٰ گهري نه رهيا آهيون پر شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته اسان هن وقت سنگل پوائنٽ ايجنڊا ماڊل ٽائون سانحي تي هلي رهيا آهيون. هن چيو ته شهباز شريف 11 هزار ارب رپين جي بجيٽ کاڌي آهي. هن چيو ته ايتري بجيٽ خرچ ڪري عوام کي انصاف جي ڪهڙي فراهمي ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته اسپتالن جي ويراني ۽ اسڪولن جي خراب حالت جو به نوٽيس وٺڻ گهرجي. طاهر القادري چيو ته سڀاڻي احتجاج جا 2 سيشن ٿيندا، جيڪو سڀاڻي ٿيندو سڀ ڏسي وٺندا. هن چيو ته اسان جي تحريڪ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ آهي.