اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ زينب قتل تي لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌڻي کان روڪي ڇڏيو جڏهن ته عدالت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي آچر تائين ملتوي ڪندي جاچ ٽيم کي گهرائي ورتو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ زينب قتل پاڻمرادي ڪيس جي پهرين ۽ مختصر ٻڌڻي ڪئي. عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻڌڻي کي روڪيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ وٽ پاڻمرادي نوٽيس جو اختيار ناهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي روڪي رهيا آهيون. خيال رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس منصور علي شاهه زينب قتل تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. زينب قتل تي چيف جسٽس آف پاڪستان طرفان ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته ايڊيشنل آءِ جي پنجاب عدالت جي روبرو پيش ٿيو، جنهن کي مخاطب ڪندي چيف جسٽس چيو ته سڄي قوم واقعي تي ڏکايل آهي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي. جنهن تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته جاچ ۽ تفتيش تي ڪم جاري آهي، ڏيڍ سال ۾ ان نوعيت جا 8 واقعا ٿي چڪا آهن. چيف جسٽس ايڊيشنل آءِ جي پنجاب کي چيو ته جيڪڏهن توهان جاچ چيمبر ۾ ٻڌائڻ چاهيو ٿا ته ٻڌايو، هن وقت تائين هڪ به اڳڀرائي نظر نه پئي اچي. ايڊيشنل آءِ جي پنجاب چيو ته جوابدار جي گرفتاري جو وقت نٿو ڏئي سگهجي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته آئون نٿو چاهيان ته اهو شخص پڪڙيو وڃي ۽ مقابلي ۾ ماريو وڃي، يقين هئڻ گهرجي ته جوابدار گرفتار ٿيندو. چيف جسٽس چيو ته زينب سان زيادتي ڪندڙ شخص سيريل ڪلر ٿو لڳي، طيبه تشدد ڪيس به اسان وٽ آهي، ٻارن سان معاملن تي پارليامينٽ مان به هن وقت تائين ڪو قانون ناهي آيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس جي ناقص جاچ مان ماڻهو بري ٿي ويندا آهن، هر ڪيس ۾ اهو ئي غلطيون ڪيون وينديون آهن، مسئلو حل نه ٿيو ته حڪومت ۽ پوليس ناڪام ٿيندي. جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته جاچ ۾ نقصانن جو فائدو جوابدار کي ٿيندو آهي، اسان جاچ ۽ تفتيش ۾ نقصان بابت ڪانفرنس ڪنداسين ۽ جسٽس آصف سعيد کوسا ڪانفرس کي خطاب ڪندو. چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ ۽ عدالتون پاڻ ۾ نه سڃاڻڻ وارو رويو ختم ڪن، هر هر ٿو چوان ته پارليامنٽ سپريم آهي ۽ پارليامينٽ به ان سلسلي ۾ قدم کڻي ۽ سڌارن واري عملاي تي ميمبر ملڻ چاهن ته آئون تيار آهيان. سپريم ڪورٽ زينب قتل پاڻمرادي نوٽس جي ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪندي سموري جاچ ٽيم کي طلب ڪري ورتو جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي لاهور ۾ ٿيندي.