لاهور/اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان 17 جنوري تي پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪنٽينر تي آصف زرداري سان گڏ ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان 17 جنوري تي پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪنٽينر تي آصف زرداري سان گڏ ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ عمران خان ۽ آصف زرداري الڳ الڳ خطاب ڪندا. ٻئي پاسي ماڊل ٽائون لاهور ۾ عوامي تحريڪ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڱاري تي مخالف ڌرين جي اڳواڻن جو اجلاس ۽ 17 جنوري واري احتجاج ۾ تيارين جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي 17 جنوري تي احتجاج ۾ سياسي پارٽين جي سربراهن جي خطابن جي شيڊول تي به غور ڪيو ويو. عوامي تحريڪ تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي جي هڪ ٻئي بابت خدشن تي فيصلو ڪيو آهي ته آصف زرداري ۽ عمران خان الڳ الڳ وقتن تي احتجاج ۾ شرڪت ۽ شرڪت ڪندڙن سان خطاب ڪندا.