اليڪشن ڪميشن چونڊ فهرستن تي نظرثاني شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن 2018ع جي چونڊن جي تياري لاءِ چونڊ فهرستن تي نظرثاني شروع ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊ فهرستن جي نظرثاني جو اڄ کان آغاز ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب نون ووٽرن جي رجسٽريشن گهر گهر تصديقي مهم کان پوءِ ٿيندي. چونڊ فهرستن جي نظرثاني جي پهرين مرحلي ۾ تصديقي عمل کان پوءِ 73 لک 60 هزار  279 ماڻهن کي نئين ووٽر طور داخل ڪيو ويندو. 9 لک 23 هزار 947 ووٽرن کي چونڊ فهرستن مان خارج ڪيو ويندو جن جي لاڏاڻي جو رڪارڊ يونين ڪائونسل ۽ نادرا ۾ موجود آهي. پنجاب ۾ 41 لک 13 هزار 595 نوان ووٽر، سنڌ ۾ 14 لک 54 هزار 398، خيبرپختونخواهه ۾ 10 لک 15 هزار 327، بلوچستان ۾ 4 لک 52 هزار 143، فاٽا ۾ 2 لک 88 هزار ۽ اسلام آباد ۾ 35 هزار نوان ووٽر رجسٽرڊ ڪيا ويندا. نون رجسٽرڊ ٿيندڙ ووٽرن ۾ 40 لک 27 هزار مرد ۽ 32 لک 87 هزار عورت ووٽر شامل هونديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *