راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪ فوج آدمشماري جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي مهم جي ترديد ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان عوام جي آگاهي لاءِ پيغام جاري ڪندي چيو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهو فوج جا نمائندا بڻجي جعلي فون ڪالز ڪري رهيا آهن ۽ آدمشماري جي نالي تي ذاتي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. ترجمان موجب اهي ماڻهن کان سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل گهرن ٿا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آدمشماري جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي مهم نه هلي رهي آهي، ان حوالي سان عوام اهڙين ڪالز جو جواب نه ڏين پر فوري اسان کي آگاهه ڪيو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته عوام يونيورسل نمبر 1135 ۽ 1125 تي رپورٽ ڪري سگهن ٿا.