سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ اسان جي نيت تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي؛بلاول ڀٽو زرداري

سيوهڻ ( رپورٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سيوهڻ سانحي کي سيوهڻ اسپتال سانحو بڻائيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. سيوهڻ ۾ دل واري اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قلندر جي نگريءَ ۾ دهشتگردن ڌمال روڪڻ لاءِ ڌماڪو ڪيو. هن چيو ته قلندر جي نگري جي ماڻهن جو دنيا ۾ ايترو تماشو بڻايو ويو جيئن پ پ کي نقصان پهچي. سندس چوڻ هو ته مخالفن جو چوڻ هو ته هتي ڪا اسپتال ئي ناهي، اڄ ان ئي اسپتال ۾ بيٺل هيس جتي سانحي جي زخمين کي آندو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي پنهنجي سروسز بهترين ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته سنڌ جي ترقي لاءِ پنهنجي ڪمٽمينٽ تي اسان سئو سيڪڙو قائم آهيون. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ اسان جي نيت تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ گهڻو ڪم ڪرڻ باوجود اڃا مسئلا آهن. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي اسپتال دنيا ۾ دل جي مرض جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي، ٽن سالن دوران اسپتال جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. سندس چوڻ هو ته بينظير انڪم سپورٽ تحت 6 لک خاندانن کي غربت مان ڪڍيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگو علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ هاڻي هڪ رپيه به خرچ نه ايندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪم جو ڪٿي مثال نه ٿو ملي پوءِ به چون ٿا ته سنڌ سرڪار ڇا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ رڳو اڍائي سو سائبر نائف مشينون آهن جيڪي سنڌ ۾ به موجود آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ دل جي مرض جو علاج عام ماڻهو جي پهچ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، ٽنڊي محمد خان، حيدرآباد ۾ عالمي معيار جون جديد اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته بي قرار ڌڙڪن کي قرار ڏيڻ ۽ ماڻهن کي جوڙڻ پ پ جي روايت آهي. سندس چوڻ هو ته سيوهڻ شريف انسانيت لاءِ هڪ پناهگاهه آهي، سموري دنيا مان هر نسل، رنگ ۽ هر فرقي جا ماڻهو سيوهڻ ايندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سموري دنيا جي ماڻهن کي اسپتال مان فائدو ٿيندو. هن چيو ته هاڻي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته پنجاب جي ميٽرو ويٽرو گهرجي يا مفت علاج. سندس چوڻ هو ته اسان جي منزل خوشحال سنڌ ۽ مضبوط پاڪستان آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهباز شريف لاهور ۾ نامڪمل اسپتال جو افتتاح ڪيو، شوباز صاحب هاڻي اها اسپتال پ پ مڪمل ڪندي. هن چيو ته بدين ۾ ٿيليسميا سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته سجاول ۽ ٺٽي ۾ مفت ايمبولينس سروس شروع ڪئي، ڪراچي ۾ بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر قائم ڪيو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياسي يتيمن جي ٽولي وزيرن، صلاحڪارن ۽ پيٽ پرستن جي ڀرتي کانسواءِ ڇا ڪيو، ملڪي آزادي کانپوءِ جيڪڏهن انسانن جي ترقي لاءِ ڪنهن ڪم ڪيو ته اها پ پ آهي. هن چيو ته هنن سموريون توانايون ماڻهن کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي تي خرچ ڪيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *