لاهور (اين اين آءِ( اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي رهائشگاهه جاتي امره رائيونڊ ۾ ميلاد شريف جو احتمام ڪيو ويو، ان موقعي تي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي وئي ۽ مشهور نعت خوان حمد ۽ ثنا پيش ڪئي، ميلاد شريف ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ۽ بيگم ڪلثوم نواز جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي، ان کانسواءِ نواز شريف جاتي امره ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي ۽ پوءِ نمازين سان ملندو رهيو، نواز شريف پنهنجي والد ميان محمد شريف جي قبر تي ويو ۽ دعا گهري، نواز شريف ڪارڪنن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ماضي ۾ اسان جي رستي ۾رنڊڪو وڌيون ويون، اڳ به رنڊڪن کان ڊنل نه هئاسين ۽ اڄ ه نه ڊڄنداسين، سازشن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، هن چيو ته ڪارڪن متحد رهن، عوامي رابطا مهم ۾ کين پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، مخالف جيڪي اسان جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن انهن کان گهٻرائڻ وارا نه آهيون، ماضي ۾ ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ هاڻ به ڏينداسين.