70 ورهين جا لاڳاپا هڪ ٽوئٽ تي ختم نٿا ٿي سگھن: ٽرمپ جو صلاحڪار

واشنگٽن (م ڊ) ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار ساجد تارڙ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا جلدي ئي معمول تي اچڻ جي خبر ٻُڌائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا 70 ورهين جا لاڳاپا هڪ ٽوئٽ يا هڪ هفتي ۾ ختم نٿا ٿي سگھن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلم ڪميونٽي واري صلاحڪار ساجد تارڙ وڊيو پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تي مايوس نه ٿيو، ڪجهه ننڍي قد جا سياستدان پاڪ آمريڪا جي لاڳاپن تي پنهنجي سياست چمڪائي رهيا آهن پر آمريڪا ۾ رهيل پاڪستاني غلط  فهميون ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٽرمپ جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ٻنهي شهرين جي فائدي ۾ آهن ۽ 70 ورهين جا لاڳاپا هڪ ٽوئٽ تي ختم نٿا ٿي سگھن جڏهن ته حساس معاملن تي پاڪستاني سياستدان احتياط سان ڪم وٺن. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جي امداد بند نه پر معطل ڪئي آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن مختلف آپشنز تي غور ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *