پوليس زينب جي قاتل کي پڪڙڻ ۾ ناڪام، قصور ۾ ڇڪتاڻ برقرار، شهرين جا مظاهرا،ٻن گاڏين کي باهه  

قصور ( م ڊ )  قصور ۾ معصوم نينگري زينب جي قتل خکاف ٻي ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ زندگيءَ جو نظام مڪمل طور مفلوج آهي. قصور ٿاڻي جي حدن مان 8 ورهين جي زينب سان زيادتي ۽ قتل جي واقعي کانپوءِ صورتحال ٻي ڏينهن به خراب آهي، مقتول ٻارڙي جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف پاڻ قصور پهتو ۽ هن نينگري زينب جي گهر وارن کينصاف جي خاطري ڪرائي پر عوام جا جذبا ٿڌا نه ٿي سگهيا. قصور شهر ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال آهي، مڇريل مظاهرين سول اسپتال سامهون اسٽيل باغ چوڪ کي چئني پاسن کان بند ڪري ڇڏيو آهي. احتجاجي مظاهرن سبب قصور جو ٻين شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي صوبي ۾ وڪيل برادري هڙتال ڪري رهي آهي. زينب جي قتل خلاف احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل شعيب ۽ محمد علي جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، سندن جنازي نماز ادا ڪئي وئي. پوليس جي وڏي نفري شهر ۾ طلب ڪرڻ باوجود گذريل ڏينهن جهڙي سانحي کان بچڻ لاءِ پوليس اهلڪارن کي مڇريل شهرين کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. معاملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي پنجاب فرانزڪ ليبارٽري مان حاصل ڪيل مرڪزي جوابدار جا مبهم سي سي ٽي وي فوٽيجز کي ان لارج ڪرڻ بعد رپورٽ ملي وئي آهي. تصوير سان مشابهت رکندڙ هڪ شڪي جوابدار کي حساس ادارن قصور مان گرفتار ڪري لاهور منتقل ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس تصديق نه ڪري رهي آهي. قصور ۾ زينب جي قتل خلاف مظاهرن دوران شهرين پنجاب اسيمبلي ميمبر نعيم صفدر انصاري جي آفيس ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ سندس ٻن گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف طرفان متاثرن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ باوجود سندن ڪاوڙ برقرار آهي. شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مڇريل شهرين سول اسپتال سامهون اسٽيل باغ چوڪ کي چئني پاسن کان بند ڪري ڇڏيو آهي. احتجاج سبب قصور شهر جو ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، مظاهرين پهريون ڊسٽرڪٽ اسپتال ۽ پوءِ وري پنجاب اسيمبلي جي ميمبر نعيم صفدر جي آفيس تي حملو ڪيو. مڇريل ماڻهن آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ اسيمبلي ميمبر جي ٻن گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي. پوليس اهلڪارن کي في الحال مڇريل شهرين کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *