ملڪ ۾ امن امان، ڪارڪل کان وٺي سوات تائين پاڪ فوج جي محنت رنگ لاتو: وزيراعظم

چراٽ(م ڊ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چي آهي ته اسپيشل سروس گروپ ( ايس ايس جي )سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏيندي آهي ۽ ڏکئي وقت ۾ ايس ايس جي سڀ کان پهرين پهچندي آهي. ايس ايس جي جون قربانيون اهي آهن جيڪي منظر عام تي ناهن اينديون پر اسان جي ڪمانڊوز جو قربانيون بي مثال آهن. ڪارڪل کان وٺي سوات تائين پاڪ فوج جي محنت رنگ لاتو جڏهن ته آپريشن ضرب عضب ۾ ايس ايس جي جي محنت نظر ايندي آهي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چراٽ ۾ اسپيشل سروس گروپ ( ايس ايس جي) هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، هن شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي، دوري دوران وزير اعظم کي ايس ايس جي آرگنائزيشن، سندس صلاحيتن ۽ ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو، ايس ايس جي پنهنجي ڪجهه پيشيوراڻين مهارتن ۽ آپريشنل صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته وزير اعظم ايس ايس جي جي استعمال هيٺ ڪجهه هٿيارن سان فائرنگ به ڪئي. اسپيشل سروس گروپ (ايس ايس جي)  جي آفيسرن ۽ جوانن سان خطاب ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ايليٽ فورس جي ڪارڪردگي ۽ دهشتگردي خلاف جاري ڪاوشن دوران سندن خدمتن کي ساراهيو. هن ايس ايس جي ۽ هٿياربند فوجن جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي جن جي قربانين سان پاڪستان ۾ امن بحال ٿيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *