شهباز شريف جي زينب جي والدين سان تعزيت،جوابدار قانون جي چنڀي کان نه بچي سگهندا ؛وڏو وزير

قصور (اين اين آءِ) پنجاب جو وڏو وزير محمد شهبازشريف زيادتي کان پوءِ قتل ڪيل ستن ورهين جي زينب جي گهر پهتو ۽ والدين سان تعزيت ڪئي وڏو وزير شهبازشريف خميس جي صبح 5 وڳي اوچتو قصور ۾ مقتوله زينب جي گهر پهتو ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي پنجاب حڪومت جو ترجمان محمد احمد خان ۽ اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا جڏهن ته ڊي پي او قصور زاهد خان مروت واقعي تي بريفنگ ڏني ان موقعي تي شهبازشريف چيو ته جيترو ظلم ۽ زيادتي ٿي آهي اهو بيان ڪرڻ جوڳي نه آهي گهڙي گهڙي هن ڪيس جي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدار قانون جي چنڀي کان نه بچي سگهندا معصوم ٻارڙي جي خاندان کي انصاف ڏيارڻ منهنجي ذميواري آهي ۽ جيستائين جوابدار کي ڪٽهڙي ۾ نه آڻينداسين ان وقت تائين سک سان نه ويهندس هن چيو ته ٻارڙن جا قاتل هن ڌرتي تي بار آهن ٻارڙن سان زيادتي ڪندڙ انسان نه پر وحشي صفت آهن واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي اهي جنهن ۾ سول ۽ عسڪري ٻنهي ادارن جا ميمبر شامل آهن جوابدار کي جلد گرفتار ڪري قانون مطابق اهڙي سزا ڏياري ويندي جو ڪنهن کي آئينده اهڙي جرئت نه ٿئي شهبازشريف جو چوڻ هو ته احتجاج ڪرڻ تي بنا جواز فائرنگ ڪندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *