قصور(م ڊ) 7 سالن جي زينب امن جي هانءُ ڏاريندڙ واقعي کان پوءِ هر اک آلي آهي ۽ سياستدانن به ان واقعي جي مذمت ڪندي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ان واقعي تي چيو آهي ته اهڙو واقعو پهريون ڀيرو پيش ناهي آيو، ننڍڙي گڏڙي تي حملو ان ڳالهه جي نشاندهي آهي اسان جو معاشور ٻارن جي حوالي سان ڪيترو خطرناڪ ٿي چڪو آهي، جوابدارن کي فوري طور منطقي انجام تائين پهچايو وڃي جيئن اسان جي معاشري کي ٻارن لاءِ محفوظ بڻائي سگهجي. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري به ان واقعي مذمت ڪئي ۽ هن زينب امين جي جنازي نماز به پڙهائي. هن چيو ته هر ڏوهه ۽ انساني الميي جي پٺيان قاتل اشرافيه جا چيلا ۽ چمچا هوندا آهن، 100 ماڻهن کي گوليون هڻندڙ ۽ 14 ڄڻن کي قتل ڪندڙ وارا ڌيئرن جي ڪهڙي حفاظت ڪندا جڏهن ته 7 سالن جي زينب جو اغوا ۽ قتل موجوده نظام ۽ حڪمرانن جو گندو چهرو آهي. هوڏانهن اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ان حوالي چيو ته ڌيئرن جي بي حرمتي ڪندڙ درندن کي فوري طور سزا ڏني ويندي ۽ کين عبرت جو نشانو بڻايو ويندو جيئن اڳتي لاءِ ڪير به اهڙو ڪڌو ڪرڻ جي همت نه ڪري. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو چوڻ هو ته 7 سالن جي زينب سان پيش آيل واقعو دردناڪ آهي، اهڙن معاشرن جي مذمت ڪيون ٿا جيڪي ٻارن کي تحفظ نٿا ڏئي سگهن، ايستائين سڪون سان نه ويهبو جيستائين ان غير معمولي عمل جي ذميوار کي گرفتار نٿو ڪري وڃي ۽ قانون جي تحت سزا نٿي ڏني وڃي. ٻئي پاسي آصفه ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته زينب رڳو 7 سالن جي ٻارڙي هئي، ان کي وحشياتي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو، منهنجي دل ٽٽي پئي آهي ۽ الله زينب جي وارثن کي همت ڏئي. مريم نواز پڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اميد آهي ته زينب جا قاتل جلد قانون جي گرفت ۾ هوندا ۽ جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏني ويندي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان به زينب سان زيادتي ۽ قتل جو نوٽيس وٺندي چيو ته واقعو انتهائي خوفناڪ، افسوس جوڳو ۽ برداشت جوڳو ناهي.