چيف جسٽس واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، آءِ جي پنجاب کان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار قصور ۾ معصوم نينگري سان پيش آيل واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب آرمي چيف ٻارڙي جي وارثن جي اپيل تي فوري ڪارروائي ڪندي پاڪ فوج کي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سول انتظاميا جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻارڙي جي وارثن پنهنجي ڌيءَ کي دفن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي سندن مطالبو آهي ته جيستائين کين انصاف نه ملندو هو پنهنجي ڌيءَ کي دفن نه ڪندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ آرمي چيف کان انصاف جي اپيل ڪئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *