ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان اسيمبلي ڀرسان زرغون روڊ تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ چئن پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد، جڏهن ته 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪو اسيمبلي جي عمارت کان لڳ ڀڳ 3 سئو ميٽر فاصلي تي ٿيو، جنهن ۾ پوليس ٽرڪ کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ان جي ڀرسان هڪ مسافر بس پڻ ڌماڪي سبب متاثر ٿي. ڪوئيٽا جي ڊپٽي ڪمشنر فرخ عتيق تصديق ڪئي آهي ته ڌماڪي ۾ پوليس جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو. شروعاتي جاچ موجب ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ موٽر سائيڪل تي سوار حملي آور پنهنجي موٽر سائيڪل پوليس جي ٽرڪ سان ٽڪرائي ڇڏي. ريسڪيو اختيارين موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي مقامي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ جو گهيرو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.27