بلوچستان جي وڏي وزير ثناءَ الله زهري استعيفيٰ  ڏئي ڇڏي

ڪوئيٽا ( م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي مشوري تي بي اعتمادي رٿ کان اڳ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. بلوچستان جي وڏي وزير سردار ثناءَ الله زهري خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ اڄ شام 4 وڳي صوبائي اسيمبلي جو اجلاس ڪيو ويو هو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سردار ثناءَ الله زهري کي استعيفيٰ جو مشورو ڏنو آهي. وزيراعظم صوبائي قيادت کان پڇاڻو ڪيو ته معاملن کي اهڙي هنڌ ڇو پهچايو ويو آهي.  هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کان اڳ وڏي وزير کي عهدو ڇڏڻ گهرجي. هوڏانهن سردار ثناءَ الله زهري پشتون خوا ميپ جي سربراهه محمود اچڪزئي سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن به کيس استعيفيٰ جو مشورو ڏنو. ذريعن موجب بلوچستان جي وڏي وزير  گورنر محمد خان اچڪزئي سان ملاقات ڪري عهدي تان استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي. اهڙي نموني بلوچستان مان سردار ثناءَ الله زهري حڪومت جو خاتمو ٿي ويو آهي. صوبائي اسيمبلي  هاڻي نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪندي. اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي چيو ته الحمد الله سردار ثناءَ الله زهري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري چيو آهي ته اقتدار اچڻ وڃڻ واري شئي آهي ۽ آئون پنهنجي دوستن جي مرضي جي خلاف مٿن زبردستي نٿو مڙهي سگهان. نواب ثناءُ الله زهري بلوچستان جي وزارت اعليٰ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، پنهنجي استعيفيٰ ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو انگ منهنجي قيادت مان مطمئن ناهي، آئون نٿو چاهيان ته منهنجي ڪري صوبي جي سياست خراب ٿئي. اقتدار اچڻ وڃڻ واري شئي آهي، آئون زبردستي پنهنجي ساٿين تي مڙهي نٿو سگهان. مون پاڪستان جي آئين  جي آرٽيڪل 130 جي شق 8 تحت وڏي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *