آئون نٿو چاهيان ته منهنجي ڪري صوبي جي سياست خراب ٿئي؛ثناءَ الله زهري

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري چيو آهي ته اقتدار اچڻ وڃڻ واري شئي آهي ۽ آئون پنهنجي دوستن جي مرضي جي خلاف مٿن زبردستي نٿو مڙهي سگهان. نواب ثناءُ الله زهري بلوچستان جي وزارت اعليٰ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، پنهنجي استعيفيٰ ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو انگ منهنجي قيادت مان مطمئن ناهي، آئون نٿو چاهيان ته منهنجي ڪري صوبي جي سياست خراب ٿئي. اقتدار اچڻ وڃڻ واري شئي آهي، آئون زبردستي پنهنجي ساٿين تي مڙهي نٿو سگهان. مون پاڪستان جي آئين  جي آرٽيڪل 130 جي شق 8 تحت وڏي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *