وفاق جي آخري خط تي سنڌ سرڪار نئين آءِ جي لاءِ 22هين گريڊ جا 3 نالا اماڻي ڇڏيا آهن: ناصر حسين شاهه

سکر (بيورو) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي آخري خط جي موٽ ۾ سنڌ حڪومت نئين آءِ جي لاءِ 22هين گريڊ جي ٽن آفيسرن جا نالا اماڻي ڇڏيا آهن، وفاق شروع کان ئي سنڌ سرڪار لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي پر ان جو آخري بهانو به پورو ڪري 22هين گريڊ جا 3 نالا اماڻي ڇڏيا آهن، هاڻ سندن مرضي ته اهي ڪنهن کي ٿا مقرر ڪن. سکر ۾ سرسو جي يونين ڪائونسل سطح تائين غربت گهٽائڻ واري اضافي پروگرام جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير اطلاعات چيو ته سنڌ حڪومت پهرئين خط ۾ ڪورٽ فيصلي جي تناظر ۾ وفاقي حڪومت پاران ترقي ڏئي سنڌ حوالي ڪيل عبدالمجيد دستي جو نالو آءِ جي لاءِ تجويز ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اهو ئي پهرئين نمبر تي هيو،هاڻ لکيل خط ۾ به عبدالمجيد دستي جو نالو اولين شامل آهي. عمران خان جي شادي وارين خبرن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي ذاتي زندگي آهي، جيڪڏهن هُن شادي ڪئي آهي ته کيس مبارڪباد ڏيان ٿو پر خبرون متضاد اچي رهيون آهن، هڪ نه پر ڀل 4 شاديون ڪري ڇاڪاڻ ته هن وقت هو هونئن به فارغ آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته پير مريداڻي سان شادي ڪندو آهي پر عمران خان پهريون مريد هوندو جيڪو پنهنجي مرشدياڻي سان شادي ڪندو ۽ اها ئي سندس تبديلي آهي، باقي تبديلي ته خيبرپختونخواه ۾ سڀني جي سامهون آهي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال پهريان کان تمام گهڻي بهتر آهي، اسٽريٽ ڪرائيم جي شڪايت آهي جنهن لاءِ وزيراعليٰ سنڌ جوڳا ۽ سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. بلوچستان صورتحال بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته بلوچستان سياسي بحران واري معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ نااهلي وفاقي حڪومت جي آهي، ن ليگ وارا پاناما ۽ اڪاما کانپوءِ ملڪ ۾ ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ڪرڻ گهرن ٿا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ ۾ بلوچستان جهڙي سياسي صورتحال جو ڪوبه اشو نه آهي، اهڙيون ڪوششون پهريون به ٿيون هيون جيڪي ناڪام ويون. هن چيو ته جي ڊي اي ۾ شامل اهم اڳواڻ تمام جلد پ پ ۾ شامل ٿيندا، سندن نالا وٺڻ مناسب نه آهي. سرسو پروگرام بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ سرڪار ۽ سرسو جو غربت گهٽايو پروگرام شهيد راڻي بينظيرڀٽو جو ويزن آهي، جنهن تحت هڪ لک 20 هزار کان وڌيڪ عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويو آهي، ان پروگرام کي سڄي سنڌ ۾ فعال بڻايو ويندو، پروگرام تحت عورتن کي ملندڙ بناوياج قرضن جي واپسي 100 سيڪڙو آئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *