آمريڪا ڊرون حملو ڪيو ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: پاڪستان

اسلام آباد( م ڊ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته آءِ ايس پي آر کان واضح بيان اچي چڪو آهي ته ڊرون حملو ٿيو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو.  اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جون قربانيون ڪنهن کان لڪل نه آهن، پاڪستان آمريڪي صدر جي ٽويٽ تي آمريڪي سفير کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو.  آمريڪي امداد جي بندش تي ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اندازو اقتصادي پاليسي تحت نه لڳايو ويندو آهي، زنده قومون چئلينجز جو مقابلو مڙسي سان ڪنديون آهن، آمريڪا طرفان امداد جي فراهمي تي تفصيلي رڪارڊ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جا فوجي اڏا ٺاهڻ جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي ۽ نه وري گوادر يا ڀرپاسي ۾ چيني فوجي اڏا بڻائڻ بابت چين جا ڪا درخواست ملي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه عنصرن طرفان ترقياتي رٿا تي افواهه پکيڙيا پيا وڃن. ڊاڪٽر فيصل چيو ته چين اسان جو ڀاءُ اسلامي ملڪ آهي، مظاهرا ايران جو اندروني معاملو آهي، اميد آهي ته تهران حڪومت پرامن نموني مظاهرن تي ڪنٽرول ڪندي. هن چيو ته ڀارت حضرت خواجه معين الدين جي عرسي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستانين کي ويزا جاري نه ڪيا آهن، ڀارت ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي قومي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي کي اچڻ جي اجازت نه ڏني جيڪا افسوس جهڙي ڳالهه آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *