ميرپورخاص (بيورو) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته چاهيون ٿا نواز شريف راز فاش ڪري ڇڏي پر اڳ ۾ اهو ٻڌائي هو اتي ڪيئن پهتو ۽ سدائين وڏو مينڊيٽ ڪٿان آندو. ميرپورخاص ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته ميان صاحب، توهان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسو، اسان تي الزام نه لڳايو، اسان طاقتور ٿيڻ لاءِ ڪنهن جو سهارو نه ورتو. هن چيو ته اسان کي سدائين سمنڊ جي ڇولين ۾ تَرڻو پيو، توهان وٽ پئسي جي طاقت ۽ اسان وٽ عوام جي طاقت آهي. اڳوڻي صدر چيو ته مان 40 ورهين کان زمينداري ڪري رهيو آهيان پر هارين سان گڏ بيٺو آهيان وڏيرن سان نه، مان اهو هر ڪم ڪندس، جنهن ۾ هارين ۽ مزدورن کي فائدو پهچي، قيامت جي ڏينهن شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو پڇندا ته توهان غريبن لاءِ ڇا ڪيو.