اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو ته اسان گذريل 17 سالن کان اهڙي جنگ ۾ ڦاٿل جيڪا اسان جي آهي ئي نه. ڪنهن رياست جو سربراهه ٻئي رساست بابت سفارتي ادب جو خيال رکندو آهي، نئين سال جي آغاز تي آمريڪي صدر جو غير سنجيده ٽوئيٽ افسوس جوڳو آهي، 2013ع ۾ دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ڪيو جڏهن ته اسان کي امداد جا طعنا نه ڏنا وڃن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪنهن ٻئي ملڪ جو ايترو جاني ۽ مالي نقصان ناهي ٿيو جيترو پاڪستان کي ٿيو، 9 اليون کان پوءِ هن وقت تائين سڀ کان ڳري قيمت پاڪستان ادا ڪئي مون کي يقين آهي ته پاڪستاني تعمير ۽ ترقي جي سفر کي جاري رکندا، مون کي اميد آهي ته تعمير ۽ ترقي جاري رکڻ لاءِ عوام واضع فيصلو ڪندو. هن چيو ته اڄ دهشتگردي جي چيلهه ٽٽي پئي آهي هتي ڪنهن ڊڪٽيٽر جي حڪومت ناهي جيڪا هڪ ڪال تي ڍير ٿي وڃي. بچيل دهشتگرد عنصر به جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچي ويندا. اسان کي پنهنجي ڪردار ۽ عمل جو ضرور جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ڪوليشن سپورٽ فنڊ کي امداد جو نالو نه ڏنو وڃي. وزير اعظم خاقان عباسي اهڙي حڪمت عملي واضع ڪري جنهن سان اسان کي آمريڪي امداد جي ضرورت نه پوي، هي سال چونڊن جو سال آهي. چونڊن جي حوالي سان پاڪستان جي تاريخ سٺي ناهي رهي، آئون چوندو رهيس ته اسان کي پنهنجي گهر جي خبر ضرور وٺن گهجرجي منهنجي صلاح ۽ مشوري کي نه رڳو نظرانداز ڪيو ويو ان کي ڊان ليڪس ۽ ٻيا نالا ڏئي منهنجي حب الوطني تي سوال اٿاريا ويا، آئو چوندو رهيس ته اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته دنيا سان جي باري ۾ ڇا ٿي پئي اسان کي سوالن جا جواب ڳولڻا پوندا، اسان جا موقف ڇو نه پيا مڃيا وڃن، انهن سوالن جا جواب ڳولڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي هٿ نه ٻڌبا نه ئي وري پيرين پئبو، لياقت خان کان اڄ تائين هڪ به وزير اعظم مدو پورو ناهي ڪري سگهيو، پاڪستان بڻجڻ جي 23 سالن کان پوءِ چونڊون ٿيون، جنهن کي نه قبوليو ويو ۽ ملڪ ٽٽي ويو جنهن بعد چونڊن ۾ من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي.