اليڪشن ڪميشن: ارشد وهرا کي ڊي سيٽ ڪرڻ بابت ريفرنس، ڌرين کان جواب طلب

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد وهرا کي ڊي سيٽ ڪرڻ بابت فاروق ستار جي دروخاست تي ڌرين جا لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتا. ارشد وهرا کي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو منشور ٻيو رڪارڊ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار طرفان ارشد وهرا کي ڊي سيٽ ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل صفائي ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل ارشد وهرا ايم ڪيو ايم جو آئين، منشور ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم الڳ پارٽيون آهن، ثابت ڪيو ته ارشد وهرا ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ هولڊر هو، اهي سڀ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا نه پر ايم ڪيو ايم جي باني جون ڪٺ پتليون آهن. فاروق ستار جي وڪيل چيو ته تفصيل لاءِ سب ناهن، هو دير وارا حرٻا استعمال ڪري رهيا آهن. اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حڪم ڏنو ته ارشد وهرا کي اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ جي ڪاپي ڏني وڃي، ايم ڪيو ايم کان منشور به وٺي ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن 11 جنوري تائين ڌرين کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي دليل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *