واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آمريڪا گذريل 15 سالن دوران اسلام آباد کي 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ 2018ع سال جو پهريون ٽوئيٽ ئي پاڪستان بابت ڪيو جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو. ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي ٽوئٽ ڪيو ته آمريڪا پاڪستان کي گذريل 15 سالن دوران 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي جڏهن ته بدلي ۾ پاڪستان اسان کي ڪوڙ ۽ ڌوکي کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو ۽ اسان جي اڳواڻن کي بيوقوف سمجهيو. ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته اسان افغانستان ۾ جن دهشتگردن کي ڳولهي رهيا آهيون پاڪستان انهن کي محفوظ ٿاڪ ڏيندو آهي پر هاڻ ائين نه ٿيندو.هوڏانهن پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جلد جواب ڏينداسين اسان دنيا کي سچائي ۽ افساني ۽ حقيقت ۾ فرق ٻڌائينداسين. پرڏيهي وزير خواجا آصف اهو پيغام سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ان وقت جاري ڪيو جڏهن ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ترمپ ڪجهه وقت اڳ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي چيو ته پاڪستان اسان کي بيوقوف بڻايو ۽ هاڻ وڌيڪ فنڊ جاري نه ڪيا ويندا، پاڪستان امداد جي بدلي ۾ اسان کي ڪوڙ ۽ ڌوکي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو. خانگي خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ ٽرمپ جي نئين بيان جو جواب ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهين لاءِ خواجا آصف ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي وچ ۾ ملاقات جاري آهي.