ڪراچي (م ڊ) پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مون ۾ ايتري طاقت ناهي جو عوام جو سمنڊ گهرن مان ٻاهر ڪڍي سگهان، اهو منهنجو ڪمال نه پر الله جو احسان آهي، مردم شماري ۾ ڪراچي جي 70 لک آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، سنڌ جو وڏو وزير ڪراچي خلاف سازش ڪري رهيو آهي. ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي جي ٻهراڙي نه پر شهري علائقن جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، ڪراچي ۾ سنڌ جي 45 سيڪڙو آبادي آهي، جنهن کي 33 سيڪڙو شو ڪيو ويو، ڪراچي وارئو! توهان جي نسلن کي کاهيءَ ۾ ڦٽو ڪيو پيو وڃي، ظالم اسان جو رت چوسي رهيا آهن، اسان کي ماري رهيا آهن، ظالمن اسان جي نسلن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي ڪراچي وارن جو ڪيس کٽڻو آهي. هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ مان ڪڍيو ويو آهي، ڪراچي وارا فيصلو ڪن، انهن کي ڪهڙي جدوجهد ڪرڻي آهي، شهر مان ڪچرو ختم ڪرڻ جو واحد حل گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن ٺاهڻ آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جو وڏو وزير ڪراچي خلاف سازش ڪري رهيو آهي، وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک آهي، ان کي پاڻي نه گهرجي، هو ٿر ۾ ٻارن کي نٿو بچائي سگهي، سنڌ ۾ 70 ٻار اسڪول نٿا وڃن، استادن تي لٺيون وسايون پيون وڃن، ڪمند جا آبادگار دانهون ڪري رهيا آهن، ان سازش سان رڳو ڪراچي نه پر سڄي پاڪستان کي نقصان پهچندو.