لاهور (م ڊ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومتون هلائڻ اناڙين جو ڪم ناهي، عمران خان کان وڌيڪ تجربي ڪار ته يوسي چيئرمين آهي، 20 ڪروڙ عوام جو ملڪ عمران خان جي هٿ ۾ ڪيئن ڏينداسين. لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ملڪ جي حفاظت ۽ ترقي قوم ڪندي، حڪومتون هلائڻ اناڙين جو ڪم ناهي، اهو نواز شريف ۽ سندس ٽيم جو تجربو هو جو اڄ سي پيڪ جي ڪري پاڪستان ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. هن چيو ته 70 ورهين جي ملڪي تاريخ ۾ ڪو به وزيراعظم مدو پورو ناهي ڪري سگهيو، اڄ قوم کي انتشار بدران اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي، آمريڪي صدر ۽ نائب صدر پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته هت هڪٻئي جا پير ڪڍڻ لاءِ اي پي سي گهرائي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته عمران خان اسان کي صبح شام درس ڏيندو آهي ته ڪرپشن ختم ڪندس، هو ٻڌائي ته ڪي پي ۾ 5 سال گذرڻ باجود احتساب ڪميشن ڇو ناهي ٺهي ۽ سندس پارٽي ۾ ڪرپشن خلاف آواز اٿاريندڙ جسٽس (ر) وجيهه کي ڇو ڪڍيو ويو.