ڪو به سياسي ڪارڪن عدليه خلاف تحريڪ جو حصو بڻجڻ بابت سوچي به نٿو سگهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ڪو به سياسي ڪارڪن عدالتن خلاف تحريڪ جو حصو بڻجڻ جو سوچي به نٿو سگهي. ميڊيا رپورٽن موجب چوڌري نثار چيو ته مسلم ليگ ن هڪ سياسي پارٽي ئي نه پر هڪ جمهوري پارٽي به آهي، منهنجي مسلم ليگ ن سان 33 سالن جي ساٿ جو بنياد به اهو ئي آهي، مون کي ان ڳالهه تي اطمينان ۽ خوشي آهي ته مسلم ليگ ن ۾ اظهار راءِ جي جيتري آزادي آهي اها ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ ناهي، مسلم ليگ ن سياسي ۽ حڪمران پارٽي طور انتهائي نازڪ دور مان گذري رهي آهي، هن وقت جوش کان وڌيڪ هوش سان فيصلا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، شهباز شريف جي وزير اعظم طور نامزدگي جو فيصلو هن وقت سٺو ثابت ٿي سگهي ٿو جڏهن ته کيس پنهنجي سوچ ۽ صلاحيت موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سياسي پارٽيون ٽويٽس جي ذريعي ناهن هلايون وينديون، آئون تڪرار واري پاليسي جي خلاف آهيان، اسان کي غير ضروري تڪرارن مان وچڙڻ کان پاسو ڪندي سمورو ڌيان مخالفن تي رکڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *