پاڪستان کي سفارتي سطح تي وڏي ڪاميابي، هرٽ ايشيا جي اعلان مان پابندي پيل تنظيمن جي فهرست خارج

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته اسان کي سفارتي سطح تي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي ۽ پاڪستان جي اعتراض تي هرٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي اعلان مان خاص پابندي پيل تنظيمن جي فهرست کي ڪڍيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ هفتي وار بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان عورت عرب تي ميزائل حملي جي مذمت ڪئي. هن پاڪستان تي آمريڪي الزامن کي رد ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ دهشتگردن خلاف بنا امتياز ڪارروائي ڪئي. اسان آمريڪا جي قومي سلامتي پاليسي ۾ لڳايل الزام رد ڪيون ٿا. ڊاڪٽر فيصل والاريل بيت المقدس معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، والاريل بيت المقدس بابت اصولي بنياد تي ووٽ ڏينداسين. ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي گهر ڀاتين سان ملاقات جي سوال تي ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڪلڀوشن کي ڦاهيءَ واري فيصلي تي عمل ناهي ٿيو، گهر ڀاتين سان سندس ملاقات همدردي جي بنيادن تي ڪرائي پئي وڃي، ڪلڀوشن جي ماءُ ۽ گهرواري کي اسلام آباد جي ويزا جاري ڪئي وئي آهي ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب اهي فضائي رستي پاڪستان اينديون. هن چيو ته پاڪستان کي سفارتي سطح تي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، هرٽ آف ايشيا 2016 ڪانفرنس ۾ خاص پابندي پيل تنظيمن جي پيش ڪيل فهرست تي پاڪستان اعتراض واريو هو، جنهن تي ان فهرست کي ڪڍيو ويو آهي. ترجمان موجب امرتسر اجلاس ۾ پابندي پيل تنظيمن جي فهرست اعلان جو حصو بڻائي وئي، پاڪستان هاڪاري سوچ سان ان فهرست کي اعلان جو حصو بڻجڻ ڏنو پر ڀارت اها فهرست پاڪستان خلاف پروپئگنڊا لاءِ استعمال ڪئي، هلندڙ مهيني باڪو ۾ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان جي سخت اعتراض تي ان فهرست کي ختم ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *