ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عزير بلوچ جِي جَي آءِ ٽي منظر عام تي آڻڻ واري درخواست تي سنڌ حڪومت کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي. عدالت ۾ سنڌ سرڪار موقف ڏيندي چيو ته سياسي مفادن جي حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي جي موقعي تي درخواست گزار چيو ته جي آءِ ٽي ۾ عزير بلوچ اهم انڪشاف ڪيا آهن، سرڪار اصل جوابدارن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو وڃي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اي جي سنڌ پيش ٿي حڪومتي موقف ڏيندو. سپريم ڪورٽ ۾ مصروفيت سبب اي جي سنڌ پيش نه ٿي سگهيو. عدالت 10 جنوري تائين ڪيس تي ٻڏڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.