28 ڊسمبر تي آل پارٽيز ڪانفرنس جو اعلان، لائحا عمل جوڙينداسين: طاهر القادري

لاهور (م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربرهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته شهباز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ جو ڪو امڪان نظر نه پيو اچي، 28 ڊسمبر تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي، جنهن ۾ سياسي ۽ مذهبي جماعتون شرڪت ڪنديون ۽ پنهنجي ايندڙ لائحا عمل جو اعلان ڪنداسين. لاهور ۾ شيخ رشيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر القادري چيو ته پنجاب حڪومت رٿابندي تحت ماڊل ٽائون تي حملو ڪيو، جنهن ۾ 45 پوليس اسٽيشنن جي نفري طلب ڪئي وئي، سرڪاري رپورٽ موجب 809 شوٽر به شامل هئا. سندس موجب رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪو پوليس آفيسر تفصيل ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته اصل ڪيس ته ماڊل ٽائون آهي، باقي ڪيس پنهنجي وقت تي کلندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *