اسلام آباد(بيورو) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جو چوڻ آهي ته نواز شريف ڪا به تحريڪ نٿو هلائي سگهي، سندس تحريڪ رڳو ميڊيا جي تحريڪ آهي. طاهر القادري چيو ته اڳوڻي وزير اعظم پنهنجي ” تحريڪ عدل“ جي تاريخ ڏئي، اسان انهيءَ ڏينهن ” تحريڪ قصاص“ شروع ڪنداسين. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته نواز شريف ڪهڙي عدل جي ڳالهه ڪندو آهي؟ اهو ئي عدل جيڪو ماڊل ٽائون ۾ ڪيو ويو؟ هن کي عدل جو نالو وٺندي شرم نٿي اچي. طاهر القادري وڌيڪ چيو ته ساڍن ٽن سالن کان يتيم ۽ بيواهون عدم کان ڌڪا کائي رهيون آهن، ن ليگ جو تخت لڏي رهيو آهي، اهي سڀ جلد ئي جيل ۾ هوندا.