اسلام آباد(بيورو) مخالف ڌر فاٽا سڌارن جو بل ايجنڊي ۾ شامل نه ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران واڪ آئوٽ ڪيو. حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ سڌارن واري بل تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي ۽ ان حوالي سان گذريل ڏينهن وزير اعظم، آرمي چيف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان بل جي حوالي سان پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ به حڪومت طرفان فاٽا سڌارن وارو بل ايجنڊي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي آغاز تي مخالف ڌر خورشيد شاهه پنهنجن خيال جو اظهار ڪندي چيو ته حڪوتم وري فاٽا سڌارا بل ايوان ۾ ناهي آندو، ان ڪري ايوان ۾ ويهڻ کان بهتر اسان لابي ۾ ويهون. خورشيد شاهه ايوان مان واڪ آئوٽ جو اعلان ڪيو ته سمورا مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد جي سربراهي ۾ ٻاهر نڪري آيا. جنهن بعد اسيمبلي اجلاس ڪورم پورو نه ٿيڻ جي ڪري ملتوي ڪيو ويو.