اسلام آباد(بيورو) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورن سينيٽرن پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو ۽ قربانين کي تسليم ڪيو جڏهن ته ان ڳالهه تي به اتفاق ٿيو ته سڀني کي گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو آهي. اسلام آباد ۾ سينيٽ جي هول ڪميٽي جي ان ڪيميرا اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته بندي ڪمري واري اجلاس تي اصولي طور تي ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، ايندڙ ڏينهن ۾ تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪندس. سندس چوڻ هو ته 18 سيپٽمبر تي دفاعي ڪميٽيون جي چيئرمينن آرمي چيف کي بريفنگ جي درخواست ڪئي، آرمي چيف درخواست قبولي ورتي ۽ چيو ته دعوت ڏني وئي ته ضرور ايندس. جنهن تي سينيٽ جي چيئرمين خط لکي آرمي چيف کي بريفنگ جي دعوت ڏني. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪيترائي سينيٽر اهڙا آهن جن کي سوال ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو تنهن هوندي خوشي ٿي ته سمورا سينيٽر موجوده سيڪيورٽي صورتحال کان آگاهه هئا، اجلاس ۾ سمورن سينيٽرن پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو ۽ قربانين کي تسليم ڪيو جڏهن ته ان ڳالهه تي به اتفاق ٿيو ته سڀني کي گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو آهي.