شهباز شريف سميت سڄي ڪابينا 31 ڊسمبر تائين استعيفيٰ ڏئي: طاهر القادري

لاهور(م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري شهباز شريف سميت سڄي پنجاب ڪابينا کان 31 ڊسمبر تائين استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي انصاف ۾ غير ضروري دير برداشت نه ڪنداسين، 14 بيگناهن جا لاش ڪيرائي سمجهيو ويو ته ڪو به انصاف نه وٺندو. هن چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته هو رياستي ادارن جي حفاظت ڪري، ڇا پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن رهائشي علائقي جي انڪروچمنٽ هٽائڻ لاءِ ڪڏهن اهڙو آپريشن ڪيو ويو؟ نجفي ڪميشن لکيو آهي ته اهو آپريشن انڪروچمنٽ جو نه هو پر لاش ڪيرائڻ لاءِ هو، شهباز شريف جي سڄي ڪابينا 16 جون تي قتل گيري جو فيصلو ڪري رهي آهي ۽ وڏو وزير چوي ٿو ته کيس خبر ناهي پر  هاڻ توهان کي خبر پوندي. طاهر القادري جو چوڻ هو ته شهباز شريف چوي ٿو ته پوليس کي  پوئتي هٽڻ جو چيو، سندس ان ڳالهه کي ڪميشن کي رد ڪيو آهي، شهباز شريف چوي ٿو ته هن 9 وڳي پوليس کي پوئتي هٽڻ جو چيو ته جڏهن ته لاش 11 کان 12 جي وچ ۾ ڪيرايا ويا، ڇا اهو قبوليو وڃي ته قانون واري وزير ۽ توهان جي ماتحتن توهان جا حڪم نه مڃيا؟ شهباز شريف جواب ڏئي توهان ذميواري کان ڪيئن فارغ ٿي سگهو ٿا. عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته ماڊل ٽائون ۾ شهباز شريف قتل عام جو حڪم ڏنو هو، شريف ڀائر ٻڌي وٺن ته انهن کي انهن ظلمن جو بدلو ڏيڻو پوندو، بس ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي، کيس 14 شهيدن جو بدلو ڏيڻو پوندو. طاهر القادري مطالبو ڪيو ته 31 ڊسمبر تائين انصاف ڏيڻ، پنهنجي پاڻ کي قانون جي اڳيان سرنڊر ڪرڻ جو ٽائيم ڏئي رهيو آهيان، شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله، پوليس آفيسر ۽ بيورو ڪريٽ اسٽيپ ڊائون ڪن، ايترن قتلن کان پوءِ هڪ شخص به ضمانت تي ناهي،  هن وقت تائين ته انهن کي موت جي سزا تائين پهچڻ گهرجي ها پر جن جا ماڻهو ماريا اهي ڪمزور ۽ بي وس آهن.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان درخواستون ڏنيون آهن ته انهن سڀني جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن پر اهي چاهن ٿا ته انهن جي مرضي سان بينچ ٺهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته بينچ بڻجي جيڪا آئين ۽ قانون جي ٻڌي ڇو ته اسان ميچ فڪس نه ٿيڻ ڏينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *